قومي اسيمبلي جي اسپيڪر واري عهدي تي چونڊ سورنهن اپريل تي ڪرائڻ لاءِ شيڊول جاري
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر واري خالي عهدي تي چونڊ جي لاءِ شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ قومي اسيمبلي جي عهدي تي چونڊ لاءِ 16 اپريل جي تاريخ مقرر ڪئي آهي.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان سلسلي ۾ سمورن قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي خط لکي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته اڳوڻي قومي اسيمبلي جي […]
عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي، جيل به وڃي سگهي ٿو: شيخ رشيد
اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي هو جيل به وڃي سگهي ٿو. اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هاڻ ملڪ ۾ ڊالرن جي برسات ٿيندي.اسان سان گڏ وزارتن جا مزا مانيندڙن اسان جو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. جيڪي هڪ ٻئي […]
نيب چيئرمين عمران خان جي قبضي ۾ هو، اسان انتقام جي سياست نه ڪنداسين: شاهد خاقان عباسي
اسلام آباد: (اڱارو 12 اپريل 2022ع) اڳوڻي وزيراعظم ۽ (ن) ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب جا اهلڪار قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا رهيا آهن، سندن احتساب ٿيندو. اڄ به چوان ٿو ته جيڪا ڪرپشن ٿي آهي ان جي ڪيمرا لڳائي ٻڌڻي ڪئي وڃي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو […]
عمران خان جي حڪومت ۾ ڪهڙيون شيون مهانگيون ٿيون؟ شماريات کاتي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا
اسلام آباد: (اڱارو 12 اپريل 2022ع) تحريڪ انصاف جو دور پاڪستان جي غريب عوام مٿان ڳرو رهيو. 3 سال 9 مهينن جي دوران اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 401 روپيه، گيهه 323 روپيه، ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 970 روپيه مهانگو ٿيو. ان کان علاوه کنڊ جي قيمت ۾ 140 روپين تائين پهتي. […]
شهباز شريف پاڪستان جون ٽيويهون وزيراعظم چونڊجي ويو
اسلام آباد: (سومر 11 اپريل 2022ع) قومي اسيمبلي مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف کي نئون وزيراعظم چونڊي ورتو آهي جنهن کان پوءِ شهباز شريف پاڪستان جو وزيراعظم چونڊجي ويو آهي.ياد رهي ته نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ گڏيل اپوزيشن طرفان شهباز شريف ۽ تحريڪ انصاف طرفان شاهه محمود قريشي وزيراعظم جو اميدوار هو پر […]
پُراڻي نوازليگ نه سمجهو، لاهور کان بني گالا تائين هلندڙ مال گاڏي جو حساب ضرور ٿيندو: مريم نواز
اسلام آباد: (سومر 11 اپريل 2022ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته لاهور کان بني گالا تائين جيڪا مال گاڏي هلندي هئي ان جو حساب ضرور ٿيندو، پراڻي نوازليگ نه سمجهو.قومي اسيمبلي پهچڻ تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته رب پاڪ 22 ڪروڙ […]
خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
پشاور: (سومر 11 اپريل 2022ع) خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.گورنر هائوس جي ترجمان شاهه فرمان پاران استعيفيٰ ڏيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان پنهنجي استعيفيٰ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.شاهه فرمان خيبرپختونخواهه جو 32هون گورنر آهي هن 5 سيپٽمبر 2018 تي […]
سازش ثابت ٿي ته استعيفيٰ ڏئي گهر هليو ويندس: نئون چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف
اسلام آباد: (سومر 11 اپريل 2022ع) نئون چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سمورن ساٿين جي ڪاوشن سان رب پاڪ پاڪستان کي بچائي ورتو آهي. اهو تاريخ ۾ پهريون موقعو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪنهن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي ۽ باطل کي شڪست ۽ حق […]
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد: (جمعو 08 اپريل 2022ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ترميمي آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. پيڪا ترميمي آرڊيننس خلاف درخواستن تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي. ايف آءِ اي طرفان عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا […]
حماد اظهر کي روزو لڳي ويو، وزيراعظم هائوس ۾ بيهوش
اسلام آباد: (جمعو 08 اپريل 2022ع) وفاقي وزير حماد اظهر جي طبيعت خراب ٿي وئي جنهن کان پوءِ هو وزيراعطم هائوس ۾ بيهوش ٿي ويو.ذريعن موجب حماد اظهر وزيراعظم هائوس ۾ موجود هو، کيس روزو لڳي ويو، هو پاڻي جي کوٽ سبب بيهوش ٿي ڪري پيو. حماد اظهر کي وزيراعظم هائوس ۾ طبي امداد ڏني […]