عمران خان جي حڪومت ۾ ڪهڙيون شيون مهانگيون ٿيون؟ شماريات کاتي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: (اڱارو 12 اپريل 2022ع) تحريڪ انصاف جو دور پاڪستان جي غريب عوام مٿان ڳرو رهيو. 3 سال 9 مهينن جي دوران اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 401 روپيه، گيهه 323 روپيه، ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 970 روپيه مهانگو ٿيو. ان کان علاوه کنڊ جي قيمت ۾ 140 روپين تائين پهتي. شماريات کاتي 16 آگسٽ 2018 کا 7 اپريل 2022 تائين جي دستاويزن سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ڇڏيو.
عمران خان ڪيترائي ڀيرا مهانگائي جو نوٽيس ته ورتو پر مهانگائي ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي. مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻ جي دعويدار پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ڪهڙيون شيون ڪيتريون مهانگيون ٿيون شماريات کاتي جي انگن اکرن سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ڇڏيو. 18 آگسٽ 2018 کان اقتدار ۾ ايندڙ تحريڪ انصاف جي دور ۾ کنڊ 31 روپيه في ڪلو مهانگي ٿي. 16 آگسٽ 2018 ۾ کنڊ جي قيمت 55 روپيه 61 پئسا في ڪلو هئي جيڪا وڌي هاڻ 86 روپيه 62 پئسا في ڪلو ٿي چڪي آهي. گذريل حڪومت واري دور ۾ کنڊ جي قيمت ۾ لاڳيتو هيٺ مٿانهين ٿيندي رهي جنهن سبب کنڊ جي قيمت 140 روپين تائين به پهچي وئي هئي.

16 آگسٽ 2018 کان 7 اپريل 2022 جي دوران گيهه 323 روپيه 91 پئسا في ڪلو، دال ماش 124 روپيه، دال مسور 103 روپيه 95 پئسا، چڻن جي دال 48 روپيه 27 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي. ٻاڪرو گوشت 488 روپيه 65 پئسا ۽ ڳائو گوشت 243 روپيه 18 پئسا مهانگو ٿيو. ڪڪڙ جي قيمت 149 روپيه 88 پئسا في ڪلو وڌي وئي. 3 سال 8 مهينن کان وڌيڪ حڪومت ۾ رهندڙ عمران خان ڪيترائي ڀيرا مهانگائي جو نوٽيس ته ورتو پر ان باوجود مهانگائي ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي. گذريل حڪومت جي دور ۾ تازو کير 32 روپيه في ليٽر، ڏهي، 33 روپيه، ٿوم 200 روپيه في ڪلو مهانگا ٿيا. ان کان علاوه ايل پي جي واري گهريلو سلينڊر جي قيمت 970 روپيه 32 پئسا وڌي وئي.

April 12, 2022 at 11:26 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open