ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ڇهين ڏينهن به گيس ناياب، سي اين جي اسٽيشنز بند

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ اڄ لڳاتار ڇهين ڏينهن به گيس ناياب آهي جنهن سبب سي اين جي اسٽيشنز بند ۽ گهريلو واهپيدارن کي ملندڙ گيس جو پريشر به گهٽ آهي. ڪراچي ۾ گيس پريشر ۾ گهٽتائي سبب گهريلو واهپيدار سخت ڏکيائين جو شڪار آهن جڏهن ته ٽرانسپورتر جي اڻڄاتل مدي تائين هڙتال سبب […]

جيڪو وزير ڪم نه ڪندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي: وزيراعظم

پشاور(م ڊ)وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته جيڪو وزير آفيس نه ويندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ پوءِ هو شڪايت نه ڪري ته وزارت هلي وئي. پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جا ماڻهو سياسي شعور رکن ٿا، خيبرپختونخواهه جي ماڻهو ٻيون وارو ناهن ڏيندا پر اسان کي ڏنو، […]

شيخ رشيد جي دور ۾ به ريلوي اربين رپين جي خساري جو شڪار

اسلام آباد (بيورو) شيخ رشيد جي دور ۾ به پاڪستان ريلوي جو خسارو گهٽ نه ٿيو.  قومي اسمبلي ۾ پاڪستان ريلوي جي خساري جي انگن اکرن بابت وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو آهي جنهن موجب شيخ رشيد جي دور ۾ به ريلوي جو خسارو گهٽ ناهي ٿيو. ريلوي واري وزارت جي لکت […]

وفاق گيس بندش واري اهم مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪري: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر)اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته سنڌ ۾ قدرتي گيس جي هٿراڌو بندش سبب احتجاجي حالت ۾ وفاق آڏو سنڌ جو ڪيس پيش ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوٺايل هڪ اجلاس کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. […]

جيل عملدارن شهباز شريف جي گهرڀاتين کي ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور (م ڊ) جيل عملدارن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمد شهباز شريف جي گهرڀاتين کي ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي ذريعن موجب آشيانه اقبال هائوسنگ ڪيس ۾ گرفتار شهباز شريف اڄ ڪالهه راهداري رمانڊ تي آحي ۽ قومي اسيمبلي جي سيشن ۾ شرڪت لاءِ پروڊڪشن آرڊر تي اسلام آباد ۾ موجود آحي مخالف […]

سپريم ڪورٽ جو لاهور مان ٽن مهينن ۾ بل بورڊ هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ لاهور ۾ بل بورڊ هٽائڻ جي خلاف نظرثاني اپيل خارج ڪندي ٽن مهينن ۾ بل بورڊ هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڊي ايڇ اي مان به بل بورڊ هٽايا وڃن، نه ته انهن ماڻهن جي خلاف به ڪارروائي ڪنداسين ، چيف جسٽس چيو ته باقي دنيا ۾ بل بورڊ پلن تي […]

ايراضي منتقل ڪيس: آصف زرداري ۽ بلاول جا وڪيل نيب سامهون پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٻيلي کاتي جي زمين خانگي ڪمپني کي منتقل ڪرڻ جي معاملي جي جاچ لاءِ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي وڪيلن نيب جي گڏيل جاچ ٽيم سامهون پيش ٿي بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو.  قومي احتساب بيورو  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي 9 ڊسمبر […]

امن ۽ ترقي جي لاءِ رياستي ادارن جي حمايت جاري رکنداسين: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستاني عوام جي بهترين مفاد، امن ۽ مضبوطي ۽ ترقي جي لاءِ سمورن رياستي ادارن جي حمايت جاري رکنداسين. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ 216هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس […]

سپريم ڪورٽ طرفان 5 هزار کان وڌيڪ في وٺندڙ اسڪولن کي 20 سيڪڙو في گهٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 5 هزار کان وڌيڪ في وٺندڙ خانگي اسڪولن کي في ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ ۽ ٻن مهينن جي موڪلن جي في جو 50 سيڪڙو والدين کي واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ خانگي اسڪولن جي وڌيڪ فين […]

تحريڪ انصاف اڃا تائين ڪوبه احتساب شروع ناهي ڪيو: فواد چوڌري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جي حڪومت مشرف جي حڪومت جيان ئي طاقتور آهي، وزيراعظم جي شاباشي کانسواءِ ڪير به اڳتي نٿو وڌي سگهي، عمران خان مون کي شاباشي ڏني ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيو، جنهن سان حوصلو وڌيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام […]

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو