خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پشاور: (سومر 11 اپريل 2022ع) خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
گورنر هائوس جي ترجمان شاهه فرمان پاران استعيفيٰ ڏيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان پنهنجي استعيفيٰ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.
شاهه فرمان خيبرپختونخواهه جو 32هون گورنر آهي هن 5 سيپٽمبر 2018 تي خيبرپختونخواهه جي گورنر طور حلف کنيو هو. شاهه فرمان 1995ع کان تحريڪ انصاف سان جڙيل رهيو. هو تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي 2 ڀيرا صوبائي اسيمبلي ميمبر چونڊجيو هو. جڏهن ته 2013 کان 2018 تائين صوبائي وزير به رهيو آهي.

April 12, 2022 at 8:25 am

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open