نيب چيئرمين عمران خان جي قبضي ۾ هو، اسان انتقام جي سياست نه ڪنداسين: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: (اڱارو 12 اپريل 2022ع) اڳوڻي وزيراعظم ۽ (ن) ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب جا اهلڪار قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا رهيا آهن، سندن احتساب ٿيندو. اڄ به چوان ٿو ته جيڪا ڪرپشن ٿي آهي ان جي ڪيمرا لڳائي ٻڌڻي ڪئي وڃي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب چيئرمين ٻڌائي ته هن 23 سالن دوران ڪيترن سياستدانن کي گرفتار ڪيو؟ نيب چيئرمين عمران خان جي قبضي ۾ هو. نيب چيئرمين عمران خان جي حڪومت واري دور ۾ ڪيل ڪرپشن تي خاموش رهيو. جيڪو ڪجهه نيب ۾ ٿيو ان جون سموريون حقيقتون عوام آڏو رکنداسين. عمران خان خلاف هڪ به ڪرپشن جو ريفرنس داخل ناهي ٿي سگهيو. شاهد خاقان چيو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. عمران خان ڀلي روڊن تي رهي اسان انتقام جي سياست نه ڪنداسين.

موجوده حڪومت ڪنهن جون به گرفتاريون نه ڪندي. ڪنهن به ميڊيا کي جلسي جي ڪوريج کان روڪڻ جو حڪم نه ڏنو ويندو. جنهن ڪابينه جي سوچ 15 ڪلو منشيات جو الزام لڳائڻ جي هجي ان مان ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي؟ اسان عدالت ۾ ڪيمرا لڳائڻ جي درخواست ڏينداسين. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته صدر عارف علوي کي گذريل رات ڏندن ۾ تڪليف هئي، هن شايد ڪالهه ٽوٿ برش نه ڪيو هو.

April 12, 2022 at 11:27 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open