عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي، جيل به وڃي سگهي ٿو: شيخ رشيد

اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي هو جيل به وڃي سگهي ٿو. اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هاڻ ملڪ ۾ ڊالرن جي برسات ٿيندي.اسان سان گڏ وزارتن جا مزا مانيندڙن اسان جو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. جيڪي هڪ ٻئي جي شڪل ڏسڻ به پسند نه ڪندا هئا اهي هاڻ هڪ ٿي ويا آهن. فرد جرم لڳڻ واري ڏينهن هنن فائلون کنيون ۽ قلمدان سنڀالي ورتو. 16 تي ڪراچي ۾ عوام جو سمنڊ هوندو. هاڻ اسان جي ملڪ ۾ سڀ ڪجهه منصوبه بندي تحت ٿي رهيو آهي. قوم کي هاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو. ماڻهو پنهنجا پاسپورٽ ڦاڙي رهيا آهن.
شيخ رشيد چيو ته دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اسان جي ووٽن سان حڪومت ٺهي. عمران خان ڪنڌ ۽ اک کڻي ڳالهائيندو هو،شيخ رشيد احمد چيو ته عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي ڇو ته عالمي طاقتون عمران خان کي مارائي سگهن ٿيون ۽ کيس جيل ۾ به وجهي سگهن ٿا. هن چيو ته 15 جون جي تاريخ ڏيان ٿو. عمران خان سڏ ڏيندو ۽ اسلام آباد جي سڏ ڏيڻ کان اڳ عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته فوج جي خلاف ڪوبه نعرو نه لڳڻ گهرجي. گاريون ڏيندڙ فوج سان صلح ڪري سگهن ٿا ته اسان کي به انهن سان غلط فهميون ختم ڪرڻ گهرجن. مان لاهور جي جلسي ۾ شرڪت نه ڪندي سگهندس. ڇو ته مان 3 ڏينهن جي لاءِ عمري تي وڃي رهيو آهيان. ڪراچي ۾ عوام جو سمنڊ هوندو. اڄ جلسي لاءِ عمران خان جي خصوصي دعوت تي پشاور آيو آهيان. چورن کي مٿي آڻڻ انٽرنيشنل پلان آهي.

April 14, 2022 at 8:53 am

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open