حماد اظهر کي روزو لڳي ويو، وزيراعظم هائوس ۾ بيهوش

اسلام آباد: (جمعو 08 اپريل 2022ع) وفاقي وزير حماد اظهر جي طبيعت خراب ٿي وئي جنهن کان پوءِ هو وزيراعطم هائوس ۾ بيهوش ٿي ويو.
ذريعن موجب حماد اظهر وزيراعظم هائوس ۾ موجود هو، کيس روزو لڳي ويو، هو پاڻي جي کوٽ سبب بيهوش ٿي ڪري پيو. حماد اظهر کي وزيراعظم هائوس ۾ طبي امداد ڏني وئي.
واضح رهي ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪيو هو جنهن ۾ آئنده جي حڪمت عملي ۽ ملڪ جي موجوده صورتحال تي غور ڪرڻو هو.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس به جاري آهي جنهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري، قانون وارو سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ سميت ٻين کي گهرايو ويو آهي.

April 8, 2022 at 7:27 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open