پُراڻي نوازليگ نه سمجهو، لاهور کان بني گالا تائين هلندڙ مال گاڏي جو حساب ضرور ٿيندو: مريم نواز

اسلام آباد: (سومر 11 اپريل 2022ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته لاهور کان بني گالا تائين جيڪا مال گاڏي هلندي هئي ان جو حساب ضرور ٿيندو، پراڻي نوازليگ نه سمجهو.
قومي اسيمبلي پهچڻ تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته رب پاڪ 22 ڪروڙ عوام جي جان هن نااهل حڪومت مان ڇڏائي آهي. شهباز شريف جي وزيراعظم بڻجندي ئي اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي پئي وڃي. روپئي جي قدر مستحڪم ٿي رهي آهي. مريم نواز چيو ته اسان انتقام نه وٺنداسين، پر احتساب ضرور ٿيندو. لاهور کان بني گالا تائين جيڪا مال گاڏي هلندي هئي ان جو حساب ضرور ٿيندو. هاڻ هي پراڻي مسلم ليگ نه آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن فتنو پکيڙيندڙن امن ۽ سڪون ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين سختي سان منهن ڏنو ويندو. هنن کي حڪومت وڃڻ جو وڏو ڏک آهي ٿورو حوصلو ڪريو. فوٽو شاپ جون تصويرون ۽ وڊيوز نه لڳايو.

April 12, 2022 at 8:26 am

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open