سازش ثابت ٿي ته استعيفيٰ ڏئي گهر هليو ويندس: نئون چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: (سومر 11 اپريل 2022ع) نئون چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سمورن ساٿين جي ڪاوشن سان رب پاڪ پاڪستان کي بچائي ورتو آهي. اهو تاريخ ۾ پهريون موقعو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪنهن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي ۽ باطل کي شڪست ۽ حق جي فتح ٿي. اڄوڪو ڏينهن پوري قوم جي لاءِ عظيم ڏينهن آهي. ايوان سليڪٽيڊ ۽ جهرلو جي پيداوار وزيراعظم کي گهر جو رستو ڏيکاريو. عوام جي لاءِ خوشي جي ٻئي ڪهڙي ڳالهه هوندي ته اڄ ڊالر جي مقابلي ۾ روپيو 8 روپيه مٿي ويو. ڊالر 190 کان واپس 182 تي واپس اچي ويو آهي. چيو ويندو هو ته ڊالر هڪ روپيو به مٿي وڃي ته وزيراعظم ڪرپٽ هوندو آهي. ڊالر هاڻ 8 روپيه هيٺ ٿي ويو آهي ته چيو ويندو ته عوام ۽ ايوان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.
شهباز شريف چيو ته مان سپريم ڪورٽ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو هن آئين جي ڀڃڪڙي کي ڪالعدم قرار ڏيندي ضرورت جي نظرئي کي دفن ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪوڙ ڳالهايو پئي ويو ۽ ڊرامو ڪيو پئي ويو ته ڪو خط آيو آهي. مون کي اڃان تائين خط ناهي ڏيکاريو ويو نه مون خط ڏٺو. ان حوالي سان سموريون ڳالهيون ڪليئر ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته عوام ايوان جي ميمبرن کي سڃاڻڻ چاهي ٿي. هن خط جي حقيقت ڇا آهي. بي اعتمادي رٿ حوالي سان اسان ڪيترائي ڏينهن اڳ فيصلو ڪري چڪا هئاسين. جيڪڏهن اهو ڪوڙ آهي ته سڀني جي سامهون اچڻ گهرجي ته اهو بحث هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.

مان بطور چونڊيل وزيراعظم جي چوان ٿو ته پارليامنيٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ خط پيش ڪيو جنهن ۾ هٿياربند فوج جا سربراهه به موجود هجن. جنهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ اهو سفير به هجي. مان بنا ڪنهن خوف جي ترديد ڪندي چوان ٿو ته جيڪڏهن ان حوالي سان ٿورو به ثبوت ملي وڃي ته اسان ڪنهن پرڏيهي سازش جو شڪار ٿياسين يا اسان کي ڪنهن پرڏيهي وسيلن مان مدد ملي ته مان هڪ سيڪنڊ ۾ وزيراعظم جي عهدي تان اسعيفيٰ ڏئي گهر هليو ويندس.

April 12, 2022 at 8:24 am

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open