اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: (جمعو 08 اپريل 2022ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ترميمي آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. پيڪا ترميمي آرڊيننس خلاف درخواستن تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي. ايف آءِ اي طرفان عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته عدالت جي سامهون ايس او پيز رکيون ۽ ان کي ئي پامال به ڪيو ويو. اوهان ايس او پيز جي پامالي ڪئي ۽ اهي سيڪشن لڳايا جيڪي لڳندا ئي نه هئا. اهي سيڪشن صرف ان لاءِ لڳايا ويا ته جيئن عدالت کان بچي سگهجي.
چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته اهو ٻڌايو ته ڪيئن هن کان بچي سگهجي ٿو؟ جنهن تي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي بابر بخت قريشي چيوته قانون ٺهيل آهي ان تي عمل ڪرڻ جي لاءِ پريشر وڌو ويندو آهي. جسٽس اطهر من الله پڇيو ته اوهان ڪنهن عام ماڻهو لاءِ ايڪشن کنيو؟ لاهور ۾ ايف آءِ آر داخل ٿي ۽ اسلام آباد ۾ ڇاپو هنيو ويو. ڊائريڪٽر ايف آءِ اي بابر بخت قريشي عدالت کي ٻڌايو ته اسان ايف آءِ آر کان اڳ گرفتاري ڪندا آهيون. پوءِ ان کان برآمدگي تي ايف آءِ آر داخل ڪندا آهيون جنهن تي عدالت پڇيو ته اوهان ڪيئن گرفتاريون ڪري سگهو ٿا؟ ڪهڙي قانون تحت گرفتاريون ٿي سگهن ٿيون؟

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته اوهان پنهنجي عمل تي پشيمان به نه آهيو ۽ دليل ڏئي رهيا آهيو ڪنهن جو ته احتساب ٿيڻو آهي، ڪير ذميوار آهي؟ اڄ آرڊر ڪرڻو آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته صحافين جي نگراني ڪئي پئي وڃي. ڇا اهو ايف آءِ اي جو ڪم آهي؟ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ٻڌايو ته بلال غوري کان علاوه باقي سڀني جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن تي عدالت پڇيو ته بلال غوري وي لاگ ڪيو هو ۽ ڪتاب جو حوالو ڏنو هو، ان تي ڪارروائي ڪيئن ٺهي ٿي؟ چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا مارشل لا لڳو اها تاريخ آهي. ماڻهو ڳالهيون ڪندا. جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ پيڪا ترميمي آرڊيننس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

April 8, 2022 at 7:28 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open