قومي اسيمبلي جي اسپيڪر واري عهدي تي چونڊ سورنهن اپريل تي ڪرائڻ لاءِ شيڊول جاري

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر واري خالي عهدي تي چونڊ جي لاءِ شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ قومي اسيمبلي جي عهدي تي چونڊ لاءِ 16 اپريل جي تاريخ مقرر ڪئي آهي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان سلسلي ۾ سمورن قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي خط لکي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ واري ڏينهن چونڊ ڪرائڻ کان سواءِ عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو جڏهن ته هن ووٽنگ جي ذميواري پينل آف چيئر اياز صادق جي حوالي ڪئي هئي.
ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف به اپوزيشن بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي پر هو پنهنجي عهدي تي برقرار آهي. جڏهن ته هن قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ ڪرائڻ لاءِ اسيمبلي هلائڻ کان معذرت ڪئي هئي.

April 14, 2022 at 8:54 am

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open