شهباز شريف پاڪستان جون ٽيويهون وزيراعظم چونڊجي ويو

اسلام آباد: (سومر 11 اپريل 2022ع) قومي اسيمبلي مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف کي نئون وزيراعظم چونڊي ورتو آهي جنهن کان پوءِ شهباز شريف پاڪستان جو وزيراعظم چونڊجي ويو آهي.
ياد رهي ته نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ گڏيل اپوزيشن طرفان شهباز شريف ۽ تحريڪ انصاف طرفان شاهه محمود قريشي وزيراعظم جو اميدوار هو پر تحريڪ انصاف جي بائيڪاٽ کان پوءِ شهباز شريف واحد اميدوار رهجي ويو.
شهباز شريف کي ايوان ۾ 174 ووٽ مليا جنهن کان پوءِ هو پاڪستان جو 23هون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي. شهباز شريف اڄ رات جو ئي پاڪستان جي وزيراعظم جو حلف کڻندو.

April 12, 2022 at 8:28 am

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open