February 22, 2026 6:49 AM

صدر جي منظوري کان پوءِ فیلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان جا پھريان چیف آف ڊیفنس فورسز مقرر

Daily Kalyan News Tv Logo

ملڪ جي صدر آصف علي زرداري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي آرمي اسٽاف جو سربراهه ۽ دفاعي طاقتن جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي رضامندي ڏئي ڇڏي.

وزير اعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آرمي اسٽاف جي سربراهه ۽ دفاعي طاقتن جي سربراهه طور مقرري جي درخواست منظور ڪرڻ کانپوءِ صدارتي محل ڏانهن اماڻي هئي.

سرڪاري بيان موجب ملڪ جي صدر آرمي اسٽاف جي سربراهه کي دفاعي طاقتن جي سربراهه طور 5 سالن لاءِ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

ملڪ جي صدر ايئر چيف مارشل ظهير احمد سڌو جي نوڪري جي مدي ۾ 2 سالن جي واڌ جي به اجازت ڏني.