پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف گوجرانوالا ماس ٽرانزٽ پراجيڪٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
گوجرانوالا ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ هڪ خصوصي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف ۽ وزير دفاع خواجه محمد آصف خاص طور تي شريڪ ٿيا.
اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ماس ٽرانزٽ پراجيڪٽ گوجرانوالا جي ماڻهن جو جائز حق آهي جيڪو کين گهڻو اڳ ملي وڃڻ گهرجي ها، گوجرانوالا جي ترقي ۽ عوام کي سهولت ملڻ تي کيس انتهائي خوشي آهي.
اجلاس ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ بلال اڪبر گوجرانوالا ماس ٽرانزٽ پراجيڪٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا ماس ٽرانزٽ عوام جي سهولت لاءِ ٺهڻ وارو هڪ تاريخي پراجيڪٽ آهي، ماس ٽرانزٽ پراجيڪٽ ايمن آباد کان گکڙ تائين 30 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ طويل هوندو جنهن مان روزانو 51 هزار کان وڌيڪ مسافر مستفيد ٿيندا.
بلال اڪبر وڌيڪ ٻڌايو ته گوجرانوالا ماس ٽرانزٽ پراجيڪٽ ۾ 40 اليڪٽرڪ آرٽيڪيوليٽيڊ بسون هلائيون وينديون.