ڪرغزستان جا صدر صادر جپاروف ٻن ڏينھن جي دوري تي اسلام آباد پھچي ويا، صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف ڪرغزستان جي صدر کي آجو ڏنو.
ايئرپورٽ تي وفاقي ڪابينا جا رڪن ۽ وڏا آفيسر به ڪرغزستان جي صدر کي آجو ڏيڻ لاءِ موجود هئا.
اسلام آباد پهچڻ تي معزز مهمان کي گن سلامي ڏني وئي. ٻنهي ملڪن جا جهنڊا کنيو ٻارن مهمانن کي آجو ڏنو، ثقافتي لباس ۾ سجيل ٻارن ڪرغزستان جي صدر کي گل ڏنا.
ڪرغزستان جي صدر، صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شھبازشريف سان سٺيون ڳالهيون ڪيون.