February 22, 2026 3:42 AM

جڊيشل ڪميشن پاران سنڌ، بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ لاءِ نالن جي منظوري

Daily Kalyan News Tv Logo

جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي لاءِ جسٽس ظفر راجپوت ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي لاءِ جسٽس ڪامران خان ملاخيل جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٽن سينيئر ججن جي نالن تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت جي نالي جي منظوري ڏني وئي.

ٻئي اجلاس ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽس جي مقرري لاءِ ٽن سينيئر ججن جي نالن تي غور ڪيو ويو، جن ۾ جسٽس ڪامران خان ملاخيل جي نالي جي منظوري ڏني وئي.

ٽئين اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي مستقل جج جي مقرري تي غور ڪيو ويو ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي سپريم ڪورٽ جو مستقل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.