February 22, 2026 8:33 AM

”سنڌ جي سڃاڻپ پيار، امن ۽ ڀائيچاري سان آھي“ مريم نواز پاران سنڌي ثقافتي ڏينھن جون واڌايون

Daily Kalyan News Tv Logo

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سنڌ جي عوام کي ثقافتي ڏينھن جون واڌايون ڏيندي چيو ته سنڌي ڀينرن ۽ ڀائرن کي پنجاب جي رهاڪن پاران سلام پيش ڪريان ٿي، مان سنڌ پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ موجود سنڌي برادري کي ثقافتي ڏينھن جون سچي دل سان واڌايون پيش ڪريان ٿي.

پنھنجي بيان ۾ مريم نواز جو چوڻ ھو ته سنڌ جي سڃاڻپ پيار، امن ۽ ڀائيچاري سان آھي، جنھن ھميشه پاڪستان جي سڃاڻپ کي مضبوط ڪيو آھي، سنڌي اجرڪ، ٽوپي، وڻندڙ موسيقي ۽ شاعري ملڪ جي ثقافتي سونهن ۾ اضافو ڪري ٿي ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت چهرو پيش ڪري ٿي.

ھن سنڌ جي تھذيب کي قديم، حسين ۽ دلڪش قرار ڏيندي چيو ته سنڌ جي ثقافت سڄي قوم لاءِ فخر جي لائق آھي، اُميد آھي ته پاڪستان جون سموريون ثقافتون گڏجي قومي اتحاد ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون.