March 3, 2026 10:10 PM

ايران تڪرار تي يو اي اي جو سخت بيان، جنگ لاءِ هوائي حدون کولڻ کان انڪار

ابو ظهبي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) گڏيل عرب امارات اعلان ڪيو آهي ته ايران تي ڪنهن به حملي لاءِ پنهنجي هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔

بين الاقوامي تعاون جي اماراتي وزير مملڪت ريم الهاشمي پريس بريفنگ دوران چيو ته يو اي اي پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران خلاف فوجي ڪارروائين لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو۔

هن چيو ته ايران جو بيلسٽڪ ميزائل پروگرام خطي لاءِ خطرو بڻيل آهي، جڏهن ته امارات کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي۔

سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي گهرواري پڻ زخمن سبب شھيد ٿي وئي


سعودي عرب جي شهر راس تنوره ۾ واقع آئل ريفائنري تي ڊرون حملو


بيت شيمش ۾ ايراني ميزائل حملو، 9 اسرائيلي مارجي ويا، 23 زخمي


ايران سان هلندڙ تڪرار دوران 3 آمريڪي فوجي مارجي ويا، 5 سخت زخمي

ريم الهاشمي وڌيڪ چيو ته فوجي حل مسئلن جو مستقل حل ناهي ۽ جنگ خطي کي وڌيڪ نقصان پهچائيندي۔

ايراني حملي جي ردعمل طور تهران ۾ اماراتي سفارتخانو بند ڪري سفير کي واپس گهرايو ويو آهي۔

هوڏانهن ابو ظهبي ۾ فوجي عملدارن جو چوڻ آهي ته ملڪ جنگي حالتن کي نظر ۾ رکندي مڪمل تيارين ۾ آهي۔

دفاع واري وزارت جي ترجمان موجب هٿياربند فوجون مڪمل الرٽ تي آهن ۽ امارات جي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو۔