March 3, 2026 10:10 PM

سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي گهرواري پڻ زخمن سبب شھيد ٿي وئي

تهران:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ايران جي مقتول سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي گهرواري پڻ زخمن سبب فوت ٿي وئي آهي۔

ايراني نيوز ايجنسي موجب هوءَ ساڳئي گڏيل آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ زخمي ٿي هئي، جنهن ۾ سپريم ليڊر مارجي ويو هو۔

سرڪاري ميڊيا رپورٽن مطابق 86 ورهين جي آيت الله علي خامنه اي آچر جي صبح گڏيل هوائي حملي دوران مارجي ويو۔

سعودي عرب جي شهر راس تنوره ۾ واقع آئل ريفائنري تي ڊرون حملو

ايران سان هلندڙ تڪرار دوران 3 آمريڪي فوجي مارجي ويا، 5 سخت زخمي

بيت شيمش ۾ ايراني ميزائل حملو، 9 اسرائيلي مارجي ويا، 23 زخمي

هو ڏهاڪن تائين ايران جو سڀ کان بااثر اڳواڻ رهيو ۽ ملڪ ۾ مذهبي نظام کي مضبوط بڻائڻ سان گڏ ايران کي علائقائي سطح تي اثرائتي طاقت بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو۔

سندس دور حڪومت ۾ ايران جو ايٽمي پروگرام عالمي توجہ جو مرڪز بڻيو ۽ ان معاملي تي اسرائيل ۽ آمريڪا سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو۔

ايراني نيوز ايجنسي فارس نيوز ايجنسي موجب حملي ۾ سپريم ليڊر جا ڪجهه گهروارا، جن ۾ پٽ، ڌيئر ۽ پوٽا شامل آهن، پڻ مارجي ويا۔