راس تنوره:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) سعودي عرب جي شهر راس تنوره ۾ واقع تيل صاف ڪرڻ واري ڪارخاني تي ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن بعد علائقي ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪئي وئي۔
شپنگ ذريعن موجب بندرگاهه تي اهو حملو ان وقت ٿيو جڏهن پاڪستان لاءِ تيل لوڊ ڪيو پئي ويو۔ حملي کانپوءِ تيل ڀرڻ جو عمل عارضي طور روڪي ڇڏيو ويو ۽ حفاظتي قدم سخت ڪيا ويا۔
بيت شيمش ۾ ايراني ميزائل حملو، 9 اسرائيلي مارجي ويا، 23 زخمي
ايران سان هلندڙ تڪرار دوران 3 آمريڪي فوجي مارجي ويا، 5 سخت زخمي
ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه ايران تي “وڌ کان وڌ دٻاءُ” واري پاليسي جاري رکندي: اسڪاٽ بيسنت
هندستاني وزيراعظم نريندر مودي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسرائيل پهچي ويو
سعودي اختيارين موجب سهولتن جي ويجهو ٻه ڊرون ڪيرايا ويا۔ حملي ۾ ڪو به شهري زخمي نه ٿيو، جڏهن ته ڪريل ملبو سبب ڪارخاني جي هڪ حصي ۾ محدود باهه لڳي، جنهن تي بعد ۾ ضابطو آندو ويو۔
پرڏيهي خبرن موجب بندرگاهه سان لاڳاپيل ريفائنري کي عارضي طور بند ڪيو ويو آهي ۽ صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي۔
