March 2, 2026 5:31 AM

اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق جو سپريم ليڊر خامنه اي جي شهادت تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔

اسپيڪر پنهنجي بيان ۾ ايراني قيادت ۽ عوام سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت نه صرف ايران پر سڄي مسلم امت لاءِ وڏو ۽ ناقابلِ تلافي نقصان آهي۔

هن چيو ته سپريم ليڊر، سندس سرڪاري عملي ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت جي شهادت انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي۔

هندستاني وزيراعظم نريندر مودي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسرائيل پهچي ويو

سردار اياز صادق چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام ايران جي قيادت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهن۔

هن خبردار ڪيو ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ دنيا کي وڌيڪ بي چيني، ڇڪتاڻ ۽ وسيع تڪرار ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي۔

هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ذميواراڻو ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو وڃي۔

آخر ۾ اسپيڪر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ ٻين شهيدن جا درجا بلند فرمائي۔