بيت شيمش:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) والاريل بيت المقدس جي مضافات بيت شيمش ۾ ايراني ميزائل حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 23 زخمي ٿي پيا۔
اسرائيلي ميڊيا موجب مقامي پوليس چيف ٻڌايو ته مارجي ويلن مان گهڻا ماڻهو ان وقت هڪ عوامي بم پناهه گاهه ۾ موجود هئا۔
لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته قوي امڪان آهي ته ميزائل سڌو سنئون پناهه گاهه تي ڪري پيو، جنهن سبب وڏو جاني نقصان ٿيو۔
هندستاني وزيراعظم نريندر مودي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسرائيل پهچي ويو
ايران سان هلندڙ تڪرار دوران 3 آمريڪي فوجي مارجي ويا، 5 سخت زخمي
ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته جون مهيني دوران ايران سان اڳوڻين جهڙپن ۾ پوليس کي خبر پئي هئي ته عوامي پناهه گاهون سڌي بيلسٽڪ ميزائل حملي جي شدت برداشت ڪرڻ جي قابل ناهن۔
عرب ميڊيا جي رپورٽن مطابق بيت شيمش واري علائقي ۾ اسرائيلي ايٽمي سهولتن سميت ٻيون به حساس تنصيبات موجود آهن۔
ٻئي پاسي اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ايراني ميزائل کي ڇو نه روڪيو ويو، ان بابت جاچ جاري آهي۔
