فلوريڊا:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) آمريڪي فوج جي مرڪزي ڪمانڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران سان هلندڙ تڪرار دوران 3 آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن ۽ 5 سخت زخمي ٿيا آهن۔
CENTCOM Update
— U.S. Central Command (@CENTCOM) March 1, 2026
TAMPA, Fla. – As of 9:30 am ET, March 1, three U.S. service members have been killed in action and five are seriously wounded as part of Operation Epic Fury.
Several others sustained minor shrapnel injuries and concussions — and are in the process of being…
ايران ۽ آمريڪا-اسرائيلي جنگ ۾ آمريڪي جاني نقصان بابت هي پهريون سرڪاري اطلاع آهي، جڏهن ته مرڪزي ڪمانڊ وڌيڪ تفصيل ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي۔
ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه ايران تي “وڌ کان وڌ دٻاءُ” واري پاليسي جاري رکندي: اسڪاٽ بيسنت
بيان موجب ڪجهه ٻين اهلڪارن کي معمولي زخمي به ٿيا آهن، جن ۾ ڌماڪي جي ٽڪرن سبب لڳل زخم شامل آهن، ۽ انهن کي ٻيهر ڊيوٽي لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي۔
ياد رهي ته ايران گذريل ڏينهن وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونن سان نشانو بڻايو هو۔
