March 2, 2026 5:25 AM

پاڪستان 5 رنسن سان سريلنڪا کي شڪست ڏيڻ باوجود ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو

ڪولمبو:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) پاڪستان آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي ۾ سريلنڪا کي 5 رنسن سان شڪست ڏيڻ باوجود ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو۔

ڪينڊي ۾ کيڏيل اهم ميچ دوران سريلنڪا جي ڪپتان ٽاس کٽي پاڪستان کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني۔ پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسون اسڪور ڪيون، جڏهن ته جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم 207 رنسن تائين محدود رهي۔

صاحبزاده فرحان ۽ فخر زمان شاندار بيٽنگ ڪندي 176 رنسن جي رڪارڊ ڀائيواري قائم ڪئي۔

صاحبزاده فرحان 100 رنسون ٺاهي سينچري مڪمل ڪئي، جڏهن ته فخر زمان 84 رنسون اسڪور ڪيون۔

انهن ٻنهي کانسواءِ ڪو به بيٽسمين ٻٽي انگن ۾ داخل نه ٿي سگهيو۔ خواجه نافي 2، شاداب خان 7، محمد نواز ۽ سلمان آغا بنا کاتو کولڻ آئوٽ ٿي ويا۔

هي صاحبزاده فرحان جي ٽِي 20 ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ٻي سينچري آهي، جنهن بعد هو هڪ ئي ايڊيشن ۾ ٻه سينچريون ٺاهيندڙ پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو۔


ٽيم ۾ اهم تبديليون ڪندي بابر اعظم، صائم ايوب ۽ سلمان مرزا کي پليئنگ اليون مان ٻاهر رکيو ويو، جڏهن ته نسيم شاهه، خواجه نافي ۽ ابرار احمد کي شامل ڪيو ويو۔


واضح رهي ته پاڪستان کي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ لاءِ سريلنڪا کي 147 يا ان کان گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪرڻ ضروري هو، ٻي صورت ۾ نيوزي لينڊ 3 پوائنٽس ۽ بهتر رن ريٽ سبب سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ وارو هو۔


انگلينڊ اڳ ئي هن گروپ مان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪو آهي، جڏهن ته سريلنڪا ٽورنامينٽ جي ڊوڙ مان اڳ ئي ٻاهر ٿي چڪو هو۔