March 2, 2026 5:31 AM

ٽي 20 ورلڊ ڪپ: پاڪستان پاران شاندار بيٽنگ ڪندي سريلنڪا کي 213 رنس جو هدف

ڪولمبو:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي ۾، پاڪستان شاندار بيٽنگ ڪندي سريلنڪا کي 213 رنسن جو وڏو هدف ڏئي ڇڏيو آهي۔

آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ ڪينڊي ۾ کيڏيل مقابلي دوران سريلنڪا جي ڪپتان ٽاس کٽي پاڪستان کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني۔

صاحبزاده فرحان ۽ فخر زمان جي جارحاڻي اننگز سبب پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسون اسڪور ڪيون، جنهن سان سريلنڪا تي وڏو دٻاءُ وڌي ويو۔

ٽيم ۾ اهم تبديليون ڪندي بابر اعظم، صائم ايوب ۽ سلمان مرزا کي پليئنگ اليون مان ٻاهر رکيو ويو، جڏهن ته انهن جي جاءِ تي نسيم شاهه، خواجه نافع ۽ ابرار احمد کي شامل ڪيو ويو آهي۔

پاڪستان کي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ خاطر سريلنڪا کي 147 يا ان کان گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪرڻ لازمي آهي، جڏهن ته انگلينڊ اڳ ئي هن گروپ مان سيمي فائنل لاءِ جاءِ ٺاهي چڪو آهي ۽ سريلنڪا ٽورنامينٽ جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي۔