اسلام آباد: (ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي۔
پهرين مارچ کان ايندڙ پندرهن ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 58 پئسا في ليٽر اضافي جي تجويز سامهون آئي آهي۔
ساڳي طرح ڊيزل 4 رپيا 73 پئسا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٽي جي تيل جي قيمت ۾ 6 رپيا 88 پئسا في ليٽر واڌ ٿي سگهي ٿي۔
هلڪي ڊيزل تيل جي اگهه ۾ به لڳ ڀڳ 5 رپيا في ليٽر اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔
حتمي فيصلو حڪومت طرفان اعلان کان پوءِ سامهون ايندو، جڏهن ته مهانگائي کان پريشان عوام وڌيڪ واڌ بابت ڳڻتي ظاهر ڪري رهي آهي۔
