March 2, 2026 5:31 AM

صبرين پٺاڻ قتل ڪيس ۾ وڌيڪ 6 جوابدار گرفتار

ڄامشورو:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) پوليس صبرين پٺاڻ جي اغوا بعد قتل واري سنگين ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ڪندي وڌيڪ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي۔

ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو جي خاص هدايتن تي جوڙيل پوليس ٽيم پيشوراڻه مهارت ۽ جديد جاچ طريقن ذريعي جوابدارن کي ٽريس ڪري مٽياري، حيدرآباد ۽ ضلعي جي جابلو پٽي مان گرفتار ڪيو۔

پوليس ترجمان موجب هن ڪيس ۾ 2 جوابدار اڳ ئي گرفتار ٿيل هئا، جڏهن ته وڌيڪ 6 جوابدارن جي گرفتاري بعد مجموعي انگ 8 ٿي ويو آهي. ڪيس بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

ياد رهي ته ڪجهه هفتا اڳ ڄامشورو ۾ لمس يونيورسٽي پٺيان جابلو علائقي مان پورهيت عورت صبرين پٺاڻ جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو هو. هوءَ ڪپڙو ۽ ٿانوَ وڪرو ڪري گذر سفر ڪندي هئي۔

واقعي بعد سوشل ميڊيا ۽ علائقي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو، جنهن تي ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ۽ سنڌ حڪومت نوٽيس وٺندي ڪارروائي تيز ڪئي۔

گرفتار جوابدارن جا نالا

نور خان عرف نورو کوسو ولد وسايو کوسو
رانو ولد نواز علي کوسو
جاني ولد بشام کوسو
علي نواز ولد مير خان کوسو
اصغر ولد مراد کوسو
گلشير ولد ليار کوسو
دادو عرف دادن ولد عبدالطيف کوسو
وزير ولد وسايو کوسو