March 2, 2026 5:35 AM

فلم اسٽار رشميڪا مندانا ۽ اداڪار وجي ديوراڪونڊا شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا

اديپر:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) مشهور هندستاني تيلگو فلم اسٽار رشميڪا مندانا ۽ اداڪار وجي ديوراڪونڊا شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا آهن۔

ٻنهي پنهنجي رشتي کي نئين مرحلي تي وٺي ويندي شادي ڪرڻ جو اعلان ڪيو۔

ڀارتي ميڊيا موجب ٻنهي خميس جي صبح روايتي تيلگو رسمن تحت شادي ڪئي، جڏهن ته شام جو ڪوڊاوا روايتن مطابق ٻي تقريب پڻ رکي وئي آهي۔

وجي ديوراڪونڊا سوشل ميڊيا تي شادي جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته، “مون پنهنجي بهترين دوست سان شادي ڪئي”۔

ياد رهي ته ٻنهي آڪٽوبر 2025 ۾ حيدرآباد ۾ هڪ خانگي تقريب دوران مڱڻي ڪئي هئي۔