March 2, 2026 5:33 AM

چمن ۾ هڪ رهائشي گهر اندر گئس سلنڊر ڌماڪي سبب 7 ڄڻا مارجي ويا، 25 ڄڻا زخمي

چمن:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) چمن جي تورپال علائقي ۾ هڪ رهائشي گهر اندر گئس سلنڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 25 زخمي ٿي پيا۔

پوليس موجب ڌماڪي سبب گهر جا ڪيترائي ڪمرا ڊهي پيا، جنهن ڪري جاني نقصان وڌي ويو۔

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ 5 ٻار به شامل آهن، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد لاءِ ويجهن اسپتالن منتقل ڪيو ويو آهي۔

واقعي واري هنڌ تي امدادي ٽيمون بچاءُ جون ڪارروايون جاري رکيو ويٺيون آهن۔

ابتدائي جاچ مطابق ڌماڪو لسي جي ورڇ دوران ٿيو، جڏهن باورچي خاني ۾ رکيل 20 ڪلوگرام گئس سلنڊر اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو۔

ان وقت گهر وٽ ٻار ۽ عورتون وڏي تعداد ۾ لسي خريد ڪرڻ لاءِ موجود هيون، جنهن سبب زخمين جو انگ وڌي ويو۔