March 2, 2026 5:33 AM

هندستاني وزيراعظم نريندر مودي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسرائيل پهچي ويو

يروشلم:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) هندستاني وزيراعظم نريندر مودي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسرائيل پهچي ويو، جتي هوائي اڏي تي اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ۽ سندس گهرواري مودي جو استقبال ڪيو۔

دوري دوران وزيراعظم نريندر مودي اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ۽ اسرائيلي صدر اسحاق هرزوگ سان ملاقاتون ڪندو۔

ملاقات ۾ هندستان–اسرائيل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، دفاعي سهڪار، ٽيڪنالاجي ۽ واپاري لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي۔

هندستاني وزيراعظم خميس ڏينهن اسرائيلي پارليامينٽ کي به خطاب ڪندو۔

هندستاني حڪومت موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي بابت ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته هندستان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ واپار جو حجم وڌي 3.62 بلين ڊالر تائين پهچي ويو آهي۔