ڀڪر:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) پنجاب جي ضلعي ڀڪر ۾ داجل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته ٽي پوليس اهلڪار ۽ هڪ شهري زخمي ٿي پيا.
واقعو افطار جي وقت پيش آيو جنهن بعد علائقي ۾ سيڪيورٽي انتظامات سخت ڪيا ويا۔
ڊي پي او شهزاد رفيق اعواڻ موجب پنجاب کي خيبرپختونخواهه سان ملائيندڙ درياهه واري پل تي قائم پنجاب پوليس جي داجل چيڪ پوسٽ تي اوچتو حملو ڪيو ويو۔ حملي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار فهيم ۽ شهباز موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا۔
پوليس موجب واقعي ۾ ٽي پوليس اهلڪار ۽ هڪ شهري زخمي ٿيا، جن کي فوري طور ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔
ڊپٽي ڪمشنر احسان علي موجب ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حملي بابت پوليس طرفان جاچ ۽ سرچ آپريشن جاري آهي۔
علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ اضافي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي آهي۔
