نوشهروفيروز:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ضلعي ۾ منشيات خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران ضلعي پوليس نوشهروفيروز وڌيڪ چار منشيات ۽ گٽڪو فروشن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔
پوليس ڪارروائين دوران مختلف ٿاڻن جي حدن مان منشيات فروشن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ چرس، شراب ۽ مين پڙي گٽڪو ھٿ ڪيا آھن۔
پوليس ترجمان موجب نوشهروفيروز سٽي ٿاڻي جي ڪارروائي ۾ منشيات فروش ڪوڙل وساڙو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 500 گرام چرس هٿ ڪئي وئي.
مورو ٿاڻي جي پوليس منشيات فروش پرويز زرداري کي گرفتار ڪري 10 ليٽر شراب هٿ ڪئي۔
ان کان علاوه درياه خان مري ٿاڻي جي پوليس گٽڪو فروش عرفان ملڪ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 1320 گرام مين پڙي گٽڪو هٿ ڪيو، جڏهن ته ڪنڊيارو ٿاڻي جي ڪارروائي ۾ عرفان قريشي کي گرفتار ڪري 810 گرام مين پڙي گٽڪو هٿ ڪيو ويو۔
پوليس ترجمان موجب گرفتار ڪيل سڀني ملزمن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
ضلعي پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات ۽ گٽڪي خلاف مهم بنا ڪنهن فرق جي جاري رهندي۔
