نيويارڪ: (ڪلياڻ نيوز ٽي وي) مقبول سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ سوشل ميڊيا کان ٻاهر مختصر تفريحي مواد جي ميدان ۾ قدم رکندي، هڪ نئين مائڪرو ڊراما ايپ “پائن ڊراما” خاموشيءَ سان جاري ڪري ڇڏي آهي.
غير ملڪي خبر رساں ايجنسي موجب، پائن ڊراما ۾ هڪ منٽ جي اقساط تي مشتمل مختصر ڊراما پيش ڪيا وڃن ٿا، جتي هر وڊيو هڪ اسڪرپٽ ڪيل ڪهاڻي جو حصو هوندي آهي. اهي مائڪرو ڊراما تيز رفتار انداز ۽ مسلسل ڏسڻ واري تجربي کي مدنظر رکندي ڊزائن ڪيا ويا آهن.
في الحال هي ايپ صارفين لاءِ مڪمل طور مفت ۽ بنا اشتهارن جي دستياب آهي، جڏهن ته مستقبل ۾ مونيٽائيزيشن جا فيچرز شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ايپ جي ڊسڪور ٽيب ذريعي صارفين “آل” ۽ “ٽرينڊنگ” ڊرامن تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته عمودي اسڪرو لنگ ذريعي پنهنجن دلچسپين مطابق اقساط مسلسل ڏسي سگهجن ٿيون.
پائن ڊراما تي رومانس، ٿرلر ۽ فيملي ڊراما جهڙيون اصناف دستياب آهن. مقبول عنوانن ۾ “Love at First Bite” ۽ “The Officer Field for Me” خاص توجه حاصل ڪري رهيا آهن.
صارفين لاءِ ايپ ۾ فيورٽس، واچ هسٽري ۽ ڪمينٽ سيڪشن جهڙا فيچرز پڻ شامل ڪيا ويا آهن، جن جي ذريعي هو پنهنجي پسنديده سيريز کي ٽريڪ ڪري سگهن ٿا ۽ ٻين ناظرين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪري سگهن ٿا.
فل اسڪرين ڏسڻ دوران ڪيپشن ۽ سائڊ بار هٽائي ڇڏيا وڃن ٿا ته جيئن ڏسڻ جو تجربو وڌيڪ واضح ۽ پرڪشش بڻجي وڃي.
پائن ڊراما ذريعي ٽڪ ٽاڪ سڌو ريل شارٽ ۽ ڊراما باڪس جهڙن پليٽ فارمز سان مقابلو ڪري رهيو آهي، جيڪي گهٽ بجيٽ ۽ ڪليف هينگر انداز جي ڪهاڻين سبب تيزي سان مقبول ٿيا آهن.
ويرائٽي موجب، مائڪرو ڊراما مارڪيٽ جو اندازو آهي ته 2030 تائين ان جو ساليانو آمدني 26 بلين ڊالر تائين پهچي سگهي ٿي، جنهن سبب هي شعبو ٽيڪنالاجي انڊسٽري جي وڏن ڪردارن لاءِ انتهائي اهميت وارو بڻجي ويو آهي.
ٽڪ ٽاڪ جي نئين ايپ “پائن ڊراما” هن وقت iOS ۽ Android ٻنهي پليٽ فارمز تي دستياب آهي.
