ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ اداڪارا مرونال ٺاڪر ۽ اداڪار دھنوش جي شادي بابت افواهون زور وٺي ويون آهن.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب شوبز حلقن ۾ چرچو آهي ته ٻئي فنڪار جلد شادي ڪرڻ وارا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته مرونال ٺاڪر ۽ دھنوش 14 فيبروري تي شادي جي بندھن ۾ ٻڌجڻ جو ارادو رکن ٿا. افواهن مطابق سندن شادي هڪ سادي ۽ خانگي تقريب هوندي، جنهن ۾ رڳو ويجها مائٽ ۽ دوست شرڪت ڪندا.
هن معاملي تي اڃا تائين نه ته مرونال ٺاڪر ۽ دھنوش پاڻ ۽ نه ئي سندن انتظامي ٽيم پاران ڪا باضابطه تصديق يا ترديد سامهون آئي آهي.
چند مهينا اڳ پڻ ٻنهي بابت اهو چوٻول هليو هو ته مرونال ۽ دھنوش وچ ۾ دوستي کان وڌيڪ لاڳاپو آهي. بعد ۾ مرونال ٺاڪر وضاحت ڪندي چيو هو ته دھنوش سندس سٺو دوست آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي.
اهي افواهون تڏهن وڌيڪ زور وٺي ويون جڏهن فلم *سن آف سردار 2* جي اسڪريننگ دوران هڪ مبينا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن ۾ مرونال ۽ دھنوش کي هڪ ٻئي سان ويجهڙائي ۾ ڏٺو ويو. ان سان گڏ مرونال پاران دھنوش جي ڀينرن کي انسٽاگرام تي فالو ڪرڻ به بحث جو موضوع بڻيو.
واضح رهي ته اداڪار دھنوش سال 2022 ۾ پنهنجي زال ايشوريا رجني ڪانت سان شادي جي 18 سالن کانپوءِ عليحدگي جو اعلان ڪيو هو.
