February 17, 2026 3:24 PM

گوگل جي ميل ۾ جيمنائي اي آءِ جا نوان فيچرز متعارف

gmail

جيڪڏهن توهان جي ميل استعمال ڪندا آهيو ته گوگل ان ۾ جيمنائي اي آءِ سان لاڳاپيل ڪيترائي نوان فيچرز متعارف ڪرايا آهن. انهن مان ڪجهه فيچرز مفت صارفين لاءِ هوندا، جڏهن ته ڪجهه استعمال ڪرڻ لاءِ گوگل اي آءِ پرو يا الٽرا سبسڪرپشن لازمي هوندي.

انهن مان اهم پريميئم فيچر اي آءِ اوور ويوز آهي، جيڪو گوگل سرچ ۾ موجود اي آءِ اوور ويوز جهڙو آهي. هن فيچر ذريعي صارف جي ميل جي سرچ بار ۾ پنهنجي اي ميلز بابت سوال پڇي سگهندا، جنهن تي اي آءِ ماڊل لاڳاپيل معلومات مهيا ڪندو. جڏهن ته هن فيچر جو هڪ مفت ورزن به هوندو، جيڪو اي ميل ٿريڊز جي مختصر سمري فراهم ڪندو.

ان کان علاوه پروف ريڊر نالي فيچر پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو صرف سبسڪرائبرز لاءِ هوندو. هي فيچر اي ميلز جي گرامر، لفظن جي چونڊ، جملن جي بناوٽ ۽ مجموعي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون ڏيندو.

هڪ ٻيو نئون فيچر اي آءِ اِن باڪس آهي، جنهن جو مقصد اي ميلز جي گهڻائي کي منظم ڪرڻ آهي، ته جيئن صارف اهم پيغامن تي آساني سان ڌيان ڏئي سگهن. گوگل هن فيچر بابت وڌيڪ تفصيل ظاهر نه ڪيون آهن، پر اهو پڻ سبسڪرپشن سان ڳنڍيل هوندو.

جي ميل جي مفت صارفين لاءِ به سٺي خبر آهي، ڇو ته هيلپ مي رائيٽ ۽ سجيسٽيڊ ريپلائزيز جهڙا فيچرز متعارف ڪرايا پيا وڃن، جن جي مدد سان صارف جيمنائي اي آءِ ذريعي اي ميلز ۽ جواب لکرائي سگهندا.

گوگل موجب، جيمنائي تي ٻڌل اهي نوان فيچرز مرحليوار متعارف ڪرايا پيا وڃن. شروعاتي طور اهي آمريڪي صارفين لاءِ دستياب هوندا، جڏهن ته ايندڙ مهينن ۾ ٻين ملڪن تائين پڻ پهچايا ويندا.