اڳوڻو وزيراعليٰ خيبر پختونخوا اشتهاري قرار، عدالت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد جي ضلعي ۽ سيشن ڪورٽس خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور کي ڪيترين ئي ٻڌڻين ۾ پيش نه ٿيڻ سبب اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
دادو: ٻن ڌار ڌار پوليس مقابلن ۾ ٻه ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ گشت دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٻا ڌار ڌار مقابلا ٿيا، جن ۾ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
سعودي عرب ۾ منشيات اسمگلنگ جي ڪيس ۾ 6 پاڪستاني گرفتار

عماني اختيارين سان معلومات شيئر ڪرڻ بعد منشيات اسمگلنگ جون ٻه ڪوششون ناڪام بڻايون ويون، جن دوران 200 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات ضبط ڪيون ويون.
ڪرڪ: دهشتگردن جو پوليس موبائل تي حملو، 4 اهلڪار شهيد

ڊيره اسماعيل خان جي علائقي گرگري دامي بانڊه ۾ دهشتگردن پوليس موبائل تي حملو ڪيو، جنهن نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پاڪستان ۾ 5G جو انتظار ختم، سروسز جلد شروع ٿيڻ واريون!

وفاقي وزير براءِ آءِ ٽي شزا فاطمه، وزير خزانه محمد اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جلد پاڪستان ۾ 5جي متعارف ڪرائبي، ايندڙ 4 کان 6 مهينن ۾ سمورو عمل مڪمل ڪيو ويندو۔
افسوسناڪ ٽريفڪ حادثو: ميت کڻي ويندڙ ايمبولينس ۽ بس ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، 7 زخمي

افسوسناڪ ٽريفڪ حادثو: ميت کڻي ويندڙ ايمبولينس ۽ بس ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، 7 زخمي
ڄامشورو: انڊس ھاءِ وي تي تيز رفتار مزدا نوجوان مٿان چڙھي وئي، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل

ڄامشورو: انڊس ھاءِ وي تي لمس گيٽ سامھون تيز رفتار مزدا ڄامشورو واسي نوجوان مٿان چڙھي وئي، جنھن سبب نوجوان عزير بروھي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي لمس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي.
دادو ضلعي ۾ سالانه ڏوهن جو احوال: 73 قتل، 10 جنسي زيادتي جا ڪيس

دادو ضلعي ۾ ھلندڙ سال دوران برادرين جي تڪرار سبب 73 ماڻهو قتل ٿي ويا، جڏهن ته 10 جنسي زيادتي جا واقعا پڻ پيش آيا۔ ضلعي جي چئنهي تعلقن ۾ 34 ڌاڙن جون وارداتون ٿيون، ان کان علاوه موٽر سائيڪل ڦر جون 21 ۽ 115 موٽر سائيڪلون چوري ٿيڻ جا واقعا پڻ رڪارڊ ٿيا۔
ايم نائين موٽروي تي نوري آباد پوليس جي مبينا غنڊاگردي، تشدد سبب نوجوان حميدالله بروهي فوت، هڪ زخمي

حادثي ۾ ڪار ۾ سوار نوجوان حميدالله بروهي ۽ محمد آصف سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مبينا طور پوليس اهلڪارن جي تشدد سبب حميدالله بروهي فوت ٿي ويو. زخمي ۽ فوتي کي سول اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو.
ڄامشورو: ڪوٽڙي ويجهو ٻولھاڙي روڊ تي خوفناڪ حادثو: ننيگري فوت، پنج عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي

ڄامشورو مان هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي جي رپورٽ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هڪ ننيگري فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته پنج عورتن سميت اٺ ڄڻا زخمي ٿيڻ جي اطلاع آهي۔