March 3, 2026 9:40 PM

ڪراچي شهري پاران ٽرمپ، نيتن ياهو ۽ نريندر مودي خلاف عدالت ۾ درخواست، 5 مارچ تائين جواب طلب

ڪراچي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ڪراچي جي هڪ شهري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ عدالت سان رجوع ڪري ڇڏيو آهي۔

درخواستگذار عدالت ۾ مؤقف اختيار ڪيو ته اسرائيل ۽ هندستان گڏجي پاڪستان ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مودي تي اهو الزام پڻ هنيو ويو ته هن افغان طالبان جي اڳواڻ سان ملي پاڪستان خلاف سازش ڪئي۔

عدالت درخواست تي ابتدائي ٻڌڻي ڪندي نوٽيس جاري ڪري 5 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي۔ عدالت پراسيڪيوشن، ايس ايس پي شڪايت سيل ڪياماڙي ۽ ايس ايڇ او ڊاڪس کي پڻ نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔