March 3, 2026 10:42 PM

پاڪستان مان وچ اوڀر ڏانهن ويندڙ 116 پروازون منسوخ، ايئرپورٽن تي شيڊول سخت متاثر

اسلام آباد: (ڪلياڻ نيوز ٽي وي) پاڪستان مان اڄ وچ اوڀر جي اهم ملڪن ــ گڏيل عرب امارات، بحرين، ڪويت ۽ قطر ــ ڏانهن ويندڙ ڪُل 116 پروازون منسوخ ڪيون ويون آهن، جنهن سبب هزارين مسافرن کي شديد پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔

هوابازي ذريعن موجب ڪراچي ايئرپورٽ تان دبئي، ابو ظهبي، شارجه، دوحا، ڪويت ۽ بحرين لاءِ 32 پروازون رد ڪيون ويون آهن۔

اسلام آباد ايئرپورٽ تان 28 پروازون منسوخ ڪيون ويون، جڏهن ته لاهور ايئرپورٽ تان دبئي، ابو ظهبي، قطر، ڪويت ۽ بحرين لاءِ 20 پروازون شيڊول مان هٽايون ويون آهن۔

ان کان علاوه پشاور ايئرپورٽ تان 16 ۽ ملتان ايئرپورٽ تان 10 پروازون منسوخ ٿيون آهن، جڏهن ته فيصل آباد کان 4 ۽ ڪوئيٽا کان وچ اوڀر لاءِ 2 پروازون رد ڪيون ويون آهن۔

پروازن جي وڏي پيماني تي منسوخي سبب هوائي اڏن تي رش وڌي وئي آهي ۽ مسافرن کي نئين شيڊول بابت لاڳاپيل ايئرلائنز سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔

هوابازي اختيارين جو چوڻ آهي ته صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي ۽ حالتن ۾ سڌارو اچڻ بعد پروازن جي بحالي بابت اعلان ڪيو ويندو۔