March 3, 2026 10:51 PM

عام عادت جيڪا زندگي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي

عالمي ادارو صحت جي تحقيق مطابق دنيا جي هڪ چوٿائي آبادي يعني 1.4 ارب کان وڌيڪ ماڻهو آرام طلبي جي عادت سبب رت جي شريانن سان لاڳاپيل بيمارين، يادداشت جي گهٽتائي ۽ ڪينسر جهڙن خطرناڪ مرضن جو شڪار ٿي رهيا آهن۔

تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو گهڻو ويهندا يا ليٽي رهندا آهن، اهي ڪيترين ئي بيمارين جي خطري کي وڌائين ٿا۔ عالمي ادارو صحت ٻڌائي ٿو ته دنيا ۾ هر 4 مان هڪ مرد ۽ هر 3 مان هڪ عورت جسماني سرگرمين کان پري آهي، جيڪا صحتمند زندگي لاءِ ضروري آهي۔

ماهرن مطابق هر هفتي 150 منٽ هلڪي ورزش يا 75 منٽ سخت ورزش انساني جسم کي صحتمند رکڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي۔

تحقيق ۾ اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته وڌيڪ آمدني وارن ملڪن ۾ ماڻهو جسماني طور تي گهٽ متحرڪ هوندا آهن۔ انهن ملڪن ۾ ڪويت، سعودي عرب ۽ عراق سر فهرست آهن، جتي 50٪ کان وڌيڪ ماڻهو جسماني سرگرمين کان پري آهن۔ مقابلي ۾، آمريڪا ۾ 40٪، برطانيا ۾ 36٪ ۽ چين ۾ 14٪ ماڻهو گهڻو وقت ويهڻ کي ترجيح ڏين ٿا۔

عالمي ادارو صحت خبردار ڪري ٿو ته جسماني سرگرمين کان دوري سبب هارٽ اٽيڪ، فالج، ڪينسر ۽ ذیابيطس جهڙين بيمارين جو خطرو وڌي وڃي ٿو، ۽ اهو جلد موت جا سبب بڻجي سگهي ٿو۔