March 4, 2026 9:34 AM

ھڏن کي مضبوط بنائڻ لاءِ بھترين 5 ورزشون

ھڏين جي ڪمزوري ڪنھن بہ عمر ۾ ٿي سگھي ٿي ۽ ان حوالي سان وٽامنن يا منرلز جي گھٽتائي يا طرز زندگي جا چونڊ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.

ماھرن جي مطابق عمر وڌڻ سان ھڏين جو حجم گھٽجڻ لڳندو آھي، خاص طور تي عورتن ۾ اھو تمام عام مسئلو ھوندو آھي.

ھڏين جي حجم يا ڪثافت مان مراد اِھو ھوندو آھي تہ ھڏين ۾ ڪيلشيم ۽ ٻين منرلز جي مقدار ڪيتري آھي.

جيڪڏھن ھڏين ۾ منرلز جي مقدار وڌيڪ ھوندي آھي تہ ان جو مطلب اِھو ھوندو آھي تہ انھن جي ڪثافت وڌيڪ آھي يا ائين چئجي تہ وڌيڪ مضبوط آھن.

جسماني توانائي ۾ اضافو ۽ ھاضمي کي بھتر بنائڻ لاءِ ماکي کائڻ جو بھترين وقت ڪھڙو آھي؟

ڪثافت ۾ گھٽتائي سان ھڏين جي ڀُرڀُري پن جھڙي مرض جو خطرو وڌندو آھي.

تہ اھڙين جسماني سرگرمين جي باري ۾ ڄاڻو جيڪي ھڏين جي ڪثافت يا حجم کي بھتر بنائڻ ۾ مدد فراھم ڪن ٿيون.

 

 

چُھل قدمي

 

چُھل قدمي اِھڙي جسماني سرگرمي آھي جيڪا ھڏين جي صحت لاءِ بہ مفيد ثابت ٿيندي آھي.

اوھان کي عام زڪام آھي يا سپر فلو؟ ٻنھي ۾ فرق ڪرڻ وارين علامتن جي باري ۾ ڄاڻو

البت چُھل قدمي جو انداز اِن فائدي ۾ گھٽتائي يا اضافي جو باعث بڻجندو آھي، يعني تيز رفتاري سان ھلڻ سان ھڏين جي صحت کي وڌيڪ فائدو ٿيندو آھي.

ھڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو تہ ھر ھفتي گھٽ ۾ گھٽ 3 ڏينھن تائين روزاني 30 منٽن تائين تيز رفتاري سان چُھل قدمي ڪرڻ سان ھڏين جي حجم ۾ گھٽتائي کان بچڻ ۾ مدد ملندي آھي ۽ ھڏين جي صحت بھتر ٿيندي آھي.

 

 

رقص

 

اِھو بہ اِھڙي جسماني سرگرمي آھي جيڪا ھڏين جي صحت لاءِ مفيد ثابت ٿيندي آھي.

آخر ڪجھہ ماڻھو ھميشہ فون الارم وڄڻ کان ڪجھہ منٽ اڳ ڪيئن جاڳي پوندا آھن؟

تحقيقي رپورٽن کان اِھو پتو پوي ٿو تہ رقص سان ھڏين جي ڪثافت بھتر ٿيندي آھي.

ھڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو تہ ھڏين جي ڪمزوري جو شڪار ماڻھو جيڪڏھن ھفتي ۾ 3 دفعا رقص ڪرڻ عادت بڻائين تہ 24 ھفتن ۾ ھڏين جي ڪثافت ۾ اضافو ٿيندو آھي جڏھن تہ فريڪچر جو خطرو گھٽجي ويندو آھي.

 

 

وزن کڻڻ واريون ورزشون

 

اِنھن ورزشن کي معمول بڻائڻ سان مسلز ۽ ھڏين تي تناءُ وڌندو آھي ۽ انھن کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آھي.

معدي ۾ تيزابيت کي گھٽ ڪرڻ ۾ مددگار 5 غذائون ۽ مشروبات

ان جي نتيجي ۾ ھڏيون وڌيڪ تيزي سان مضبوط ٿينديون آھن جڏھن تہ انھن جي ڪثافت بھتر ٿي ويندي آھي.

ماھرن جي مطابق ھفتي ۾ 2 دفعا مسلز مضبوط بڻائڻ واريون ورزشون ڪرڻ سان ھڏين کي بہ فائدو ٿيندو آھي.

 

 

باڊي ويٽ ورزشون

 

پُش اپ ۽ پُل اپ جھڙيون ورزشون باڊي ويٽ ورزشن جو حصو آھن.

اِسي طرح يوگا ۽ Pilates بہ ان حوالي سان مفيد ثابت ٿينديون آھن.

 

 

توازن جي تربيت

 

جسماني توازن کي بھتر بڻائڻ واريون ورزشون ھڏين جي ڪثافت ۾ بہ اضافو ڪنديون آھن.

تحقيقي رپورٽن کان اِھو پتو پوي ٿو تہ اِھڙين ورزشن کي معمول بڻائڻ سان ڪرڻ جو خطرو گھٽ ٿيندو آھي ۽ معيار زندگي بھتر ٿيندو آھي.

ڪنھن غير متوازن سطح تي چُھل قدمي ۽ پٺئين پاسي ھلڻ اِن طرح جي ورزشن جو حصو آھي.

 

 

نوٽ: ھي مضمون طبي جرنلن ۾ شايع ٿيل تفصيلن تي مبني آھي، پڙھندڙ اِن حوالي سان پنھنجي معالج کان بہ ضرور مشورو وٺن.