March 13, 2026 6:37 AM

تلھار: راشد محمود سومرو جي دلواڻي هائوس آمد، غازي خان دلواڻي جي وفات تي تعزيت

Rashid Mehmood Somro

جمعيت علما۽ اسلام جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو، جمعيت علما۽ اسلام تعلقا تلھار جي جنرل سيڪريٽري مفتي عبدالرحيم جي سئوٽ غازي خان دلواڻي جي وفات تي دلواڻي هائوس تلھار پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي-

تلهار: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جي صدارت هيٺ پيٽرول پمپ مالڪن ۽ واپارين سان شهري دفاع بابت اهم گڏجاڻي

تلھر: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جي صدارت هيٺ پيٽرول پمپ مالڪن ۽ واپارين سان شهري دفاع بابت اهم گڏجاڻي

تلھر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي جي صدارت هيٺ پيٽرول پمپ مالڪن ۽ واپاري اڳواڻن سان گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شهري دفاع، باهه وسائڻ جي انتظامن ۽ ايمرجنسي صورتحال ۾ تيز رسپانس بابت هدايتون جاري ڪيون ويون. انتظاميا واپارين کي جديد فائر ايڪسٽيگوئشر، عملي جي تربيت ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي تنصيب تي زور ڏنو.

ڪيلاش ڪولهي قتل ڪيس: صوبائي وزيرن ۽ اڳوڻي سينيٽر جي وارثن سان تعزيت، 10 لک امداد جو اعلان

صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو، معاون خصوصي براءِ اقليتي معاملا ڊاڪٽر شام سندر ايڊواڻي ۽ اڳوڻي سينيٽر ڪرشنا ڪماري بدين ڀرسان ڳوٺ پيرو لاشاري پهچي قتل ٿيل ڪيلاش ڪولهي جي وارثن سان تعزيت ڪئي. اڳواڻن واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي انصاف جي يقين دهاني ڪرائي، جڏهن ته ڊاڪٽر شام سندر ايڊواڻي وارثن لاءِ 10 لک روپين جي امداد جو اعلان ڪيو.

تلھار: ڪيلاش ڪولهي جي قاتل کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪولهي برادري جو لاش روڊ تي رکي ڌرڻو

تلھار جي يوسي پيرولاشاري جي ڳوٺ ڏاهو ڪولھي ۾ زميندار سرفراز نظاماڻي جي مبينا فائرنگ ۾ موقعي تي قتل ٿيل ڪيلاش ڪولھي جي قاتل کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪولهي برادري جا سوين مرد ۽ عورتون احتجاج ڪندي بدين-حيدرآباد اسٽاپ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو.