پوليس ڪارروائي دوران عورت منشيات فروش گرفتار، 36 ڪلوگرام چرس ھٿ

لطيف آباد پوليس اسٽيشن اي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ عورت منشيات فروش کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ چرس هٿ ڪري ورتي۔
صبرين پٺاڻ قتل ڪيس ۾ وڌيڪ 6 جوابدار گرفتار

ڄامشورو:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) پوليس صبرين پٺاڻ جي اغوا بعد قتل واري سنگين ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ڪندي وڌيڪ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي۔ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو جي خاص هدايتن تي جوڙيل پوليس ٽيم پيشوراڻه مهارت ۽ جديد جاچ طريقن […]
نوشهروفيروز: پوليس ڪارروائين دوران چار منشيات فروش گرفتار، چرس، شراب ۽ مين پڙي گٽڪو وڏي مقدار ۾ ھٿ

نوشهروفيروز:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ضلعي ۾ منشيات خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران ضلعي پوليس نوشهروفيروز وڌيڪ چار منشيات ۽ گٽڪو فروشن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔ پوليس ڪارروائين دوران مختلف ٿاڻن جي حدن مان منشيات فروشن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ چرس، شراب ۽ مين پڙي گٽڪو ھٿ ڪيا آھن۔ پوليس ترجمان موجب نوشهروفيروز […]
آپريشن نجات مهران: گهوٽڪي جا بدنام ڏوهاري راهب شر ۽ ظهور شر پنهنجن ساٿين سميت هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

ڪراچي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ڪچي جي علائقي ۾ سنڌ پوليس هڪ ٻي اهم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي۔ سنڌ–پنجاب سرحد ويجهو رونتي ڪچي ۾ جاري آپريشن نجات مهران دوران گهوٽڪي جا بدنام ڏوهاري راهب شر ۽ ظهور شر پنهنجن ساٿين سميت هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا۔ سنڌ پوليس موجب ڪارروائي ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي، […]
فيض گنج ۾ پوليس مقابلو، ٽي ڌاڙيل مارجي ويا

خيرپور جي تعلقي فيض گنج ۾ پوليس مقابلي ۾ ٽي ڌاڙيل مارجي ويا
ڪالاڪوٽ پوليس جي ڪارروائي، رحمان ڊڪيت جو پُٽ گرفتار

جوابدار جو نالو جبران پُٽ عبدالرحمان ٻڌايو ويو آهي، جيڪو رحمان ڊڪيت جي نالي سان به مشهور آهي، جوابدار کي ڪالاڪوٽ پوليس اسٽيشن جي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي۔
ڪيلاش ڪولهي قتل ڪيس: صوبائي وزيرن ۽ اڳوڻي سينيٽر جي وارثن سان تعزيت، 10 لک امداد جو اعلان

صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو، معاون خصوصي براءِ اقليتي معاملا ڊاڪٽر شام سندر ايڊواڻي ۽ اڳوڻي سينيٽر ڪرشنا ڪماري بدين ڀرسان ڳوٺ پيرو لاشاري پهچي قتل ٿيل ڪيلاش ڪولهي جي وارثن سان تعزيت ڪئي. اڳواڻن واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي انصاف جي يقين دهاني ڪرائي، جڏهن ته ڊاڪٽر شام سندر ايڊواڻي وارثن لاءِ 10 لک روپين جي امداد جو اعلان ڪيو.
ٽنڊوالهيار: منشيات فروشن خلاف پوليس جون ڪامياب ڪارروائيون، وڏي مقدار ۾ منشيات ضبط

ٽنڊوالهيار ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سيد سليم شاهه جي هدايتن تي ٽنڊوالهيار پوليس منشيات فروشن خلاف وڏي پيماني تي ڪارروايون ڪيون، جن دوران وڏي مقدار ۾ منشيات ضبط ڪندي ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.