March 18, 2026 3:35 AM

پتنگ بازي تي لڳل پابندي جاري رهيندي، بسنت ملهائڻ لاءِ 6 کان 8 فيبروري تائين اجازت هوندي

پنجاب جي گهرو وزير موجب صوبِي سطح تي پتنگ بازي تي پابندي برقرار رهندي، جڏهن ته بسنت لاءِ صرف 6 کان 8 فيبروري تائين محدود اجازت هوندي. مقرر ڏينهن کان سواءِ پتنگ اڏائڻ غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي.

پابندي باوجود پنجاب حڪومت وڻ ڪپي رهي آهي: سينئر اداڪاره ناديه افغان

سينيئر اداڪاره ناديه افگن وڻن جي ڪٽڻ تي پنجاب حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هن سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي چيو ته پنجاب حڪومت جي سمجھ نٿي اچي، هڪ ڏينهن تعريف ڪيان ٿي ته ٻئي ڏينهن اهي پنهنجي ڪيل تي پاڻي ڦيري ڇڏين ٿا.