نادرا سالياني رپورٽ 2025: پاڪستان جي 97٪ آبادي رجسٽرڊ، بايوميٽرڪ ڊيٽابيس ۽ پاڪ آئي ڊي ايپ اپڊيٽ

اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) نادرا سالياني رپورٽ 2025 موجب پاڪستان جي 97 سيڪڙو آبادي هاڻي سرڪاري طور رجسٽرڊ ٿي چڪي آهي. رپورٽ Ministry of Interior Pakistan کي پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊجيٽل سڃاڻپ نظام ۾ اهم اڳڀرائي کي نمايان ڪيو ويو آهي. نادرا جي ترجمان شباحت علي موجب ملڪ ۾ رجسٽرڊ شهرين جو […]
هالاڻي: روڊ جي وچ ۾ نوجوان ڀاءُ کي زنجيرن ۾ ٻڌي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار

هالاڻي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ روڊ جي وچ ۾ نوجوان کي زنجيرن ۾ ٻڌي تشدد ڪرڻ جو معاملو پيش آيو هو، جنهن تي ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو سخت نوٽيس ورتو.
پريس ڪانفرنس دوران جماعت اسلامي جي ميمبر سنڌ اسيمبلي سميت ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس جي ٻاهران پريس ڪانفرنس دوران پوليس جماعت اسلامي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد فاروق سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو
امام بارگاهه ڌماڪو: ڌماڪي وقت جي سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ

وفاقي گادي واري شهر ۾ امام بارگاهه اندر ٿيل ڌماڪي وقت جي سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ اچي وئي آهي، جنهن ۾ حملي آور کي امام بارگاهه ۾ داخل ٿيندي واضح طور ڏسي سگهجي ٿو۔
امام بارگاہ ۾ ڌماڪو: راولپنڊي جا سمورا اسپتالون هاءِ الرٽ، پنجاب وڏي وزير پاران ايمرجنسي انتظامات راولپنڊي جي سمورن شفاخانن کي هاءِ الرٽ

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو چوڻ آهي ته 25 ايمرجنسي ايمبولينس اسلام آباد ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته راولپنڊي ضلعي جي سمورن شفاخانن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي۔
صدر پاڪستان آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ڇڏيو

اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ڇڏيو آهي۔ صدر مملڪت قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر، 2 فيبروري 2026ع شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ سڏايو آهي۔
ميهڙ: گهاڙي روڊ وٽ معصوم ٻار جو اگهاڙو لاش هٿ، زيادتي بعد قتل جو ڪيس داخل

ميهڙ ۾ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو جتي گهاڙي روڊ وٽ 12 ورهين جي معصوم نينگر دلشير ٻرڙو جو تشدد ۽ زيادتي بعد قتل ٿيل اگهاڙو لاش هٿ آيو. نينگر گهر کان ڪم لاءِ نڪتو هو پر واپس نه موٽيو، پوءِ جيڪو منظر سامهون آيو اهو هر اک آلي ڪري ڇڏيو.
پارليامينٽ ۾ گھريلو تشدد خلاف مضبوط قانون منظور، مجرم لاءِ سخت سزا

پارليامينٽ ۾ گھريلو تشدد کان تحفظ ۽ روڪٿام جو قانون منظور ڪيو ويو، جنهن تحت متاثر شخص کي جسماني، نفسياتي ۽ جنسي زيادتي کان تحفظ، شيلٽر هوم ۾ رهائش، پوليس تحفظ، مالي ۽ طبي مدد فراهم ڪرڻ جا ضابطا شامل آهن. مجرم لاءِ 6 مهينن کان 3 سالن تائين قيد ۽ 20 هزار کان 1 لک روپيا جرمانو مقرر آهي، جڏهن ته مدد ڪندڙ شخص به ساڳئي سزا جوڳو هوندو.
ڪوٽڙي ۾ قانون جي بالادستي ختم؟ بااثر ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو جي سڳي ڀاڻيجَي طرفان نوجوان اغوا ۽ وحشي تشدد جو الزام

ڪوٽڙي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي واٽ تي 23 ورهين جي نوجوان عطا محمد سھتو کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري فارم هائوس تي کڻي وڃي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. الزام آهي ته واردات ۾ ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو جو سڳو ڀاڻيجو عباس شورو ساٿين سميت ملوث آهي، جڏهن ته ايف آءِ آر باوجود ٽي ڏينهن گذرڻ تي به ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.
ٻار راند ڪندي هينڊ گرنيڊ جي ڌماڪي جو شڪار، 8 ورهين جو ٻار فوت، ڀيڻ زخمي

سوات جي مٽه علائقي ۾ ٻارن جي راند دوران هٿ گرنيڊ ڦاٽي پيو، جنهن سبب 8 ورهين جو ٻار فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ننڍي ڀيڻ سخت زخمي ٿي پئي.