ايس ايس پي سان گڏ تصويرون موجود، پوءِ نادر جمالي دهشتگرد ڪئين؟ پوليس تي سخت تنقيد

پوليس مقابلي دوران مارجي ويل نوجوان نادر جمالي جون تصويرون، جيڪي ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي سان گڏ ڪڍرائي ويون هيون، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. تصويرون وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پوليس جي ڪاررواين تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.