March 11, 2026 7:53 PM

ٽنڊوالهيار: اوچتو باهه لڳڻ سبب چار گهر سڙي خاڪ، نياڻين جي ڏاج سميت مينهون ۽ ٻڪريون به سڙي ويون

ٽنڊوالهيار جي مسڻ ويجهو يوسي لانڍي جي ڳوٺ رئيس حاجي علڻ خان لغاري ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب سولنگي برادري جا چار گهر مڪمل طور سڙي خاڪ ٿي ويا. باهه ۾ ٻن نياڻين جا ڏاج سميت گهر جو سمورو سامان، ٻه مينهون ۽ ٻه ٻڪريون به سڙي مري ويا، جڏهن ته ٽي مينهون زخمي ٿي ويون.

ٽنڊوالهيار: منشيات فروشن خلاف پوليس جون ڪامياب ڪارروائيون، وڏي مقدار ۾ منشيات ضبط

ٽنڊوالهيار ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سيد سليم شاهه جي هدايتن تي ٽنڊوالهيار پوليس منشيات فروشن خلاف وڏي پيماني تي ڪارروايون ڪيون، جن دوران وڏي مقدار ۾ منشيات ضبط ڪندي ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف پاران آزاد ڪشمير ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ جديد اسپتال جو افتتاح، 24 ڪلاڪ سهولتن جي هدايت

وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ ڪينسر جي تشخيص ۽ علاج لاءِ جديد سهولتن سان ليس ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن، آنڪولوجي اينڊ ريڊيو ٿراپي (ڪِنور) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته دُکي انسانيت جي خدمت کان وڌيڪ ڪا به خدمت نٿي ٿي سگهي، مريضن کي 24 ڪلاڪ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.