March 11, 2026 6:15 PM

بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ واڌ، نوٽيفڪيشن جاري

نيپرا فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي في يونٽ 1.63 رپيا مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن جو اطلاق مارچ جي بلن ۾ ٿيندو، جڏهن ته لائف لائين صارفين تي واڌ لاڳو نه ٿيندي۔

ڄامشورو ڀرسان ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ ٽن ٻارڙن جي ماءُ مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج

ڄامشورو ڀرسان ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ ٽن ٻارڙن جي ماءُ مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج

ڄامشورو ڀرسان ٽن ٻارڙن جي ماءُ مبينا طور اغوا ٿيڻ جو واقعو پيش آيو آهي. ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ 25 ورهين جي ناري صبرين ڌيءَ نظام پٺاڻ، جيڪا ڪپڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ ڄامشورو جي جابلو علائقن ۾ ايندي هئي، مبينا طور گم ٿي وئي آهي.

غزہ ۾ اسرائيلي فضائي حملا: حماس جي اڳواڻ سميت 12 فلسطيني شهيد

گذريل هڪ ڏينهن دوران ٿيندڙ بمباري سبب 18 فلسطيني زخمي ٿيا، جڏهن ته شهيدن ۾ حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊز جو هڪ سينيئر ڪمانڊر به شامل آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته حملي ۾ مارجي ويلن مان هڪ محمد الحولي هو، جيڪو القسام بريگيڊز ۾ اهم ذميواريون نڀائي رهيو هو.

سينيئر سٽيزن ايسوسيئيشن حيدرآباد پاران عمرو ۽ زيارتون ادا ڪري آيل ميمبرن جي مان ۾ شانائتي تقريب

سينيئر سٽيزن ايسوسيئيشن حيدرآباد سنڌ پنهنجي روايتي محبتن کي برقرار رکندي مرڪزي آفيس ۾ 13 جنوري تي ظهر نماز کانپوءِ عمرو ۽ مقدس زيارتون ادا ڪري آيل ميمبرن جي مان ۾ هڪ شانائتي تقريب منعقد ڪئي، جنهن کي ايسوسيئيشن جي يادگار پروگرامن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو.

ڪيلاش ڪولهي قتل ڪيس: سرفراز نظاماڻي جي گرفتاري لاءِ لڳل ڌرڻو تحريڪ ۾ تبديل

ڪيلاش ڪولهي جي قاتل سرفراز نظاماڻي جي گرفتاري لاءِ لڳل ڌرڻو هاڻي باقاعده تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي۔ احتجاج ڪندڙن شاميانا لڳائي مستقل ويهڪ قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ اعلان ڪيو آهي ته قاتل جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو۔ چار ڏينهن اڳ زميندار سرفراز نظاماڻي ۽ هاري ڪيلاش ڪولهي وچ ۾ معمولي […]

بدين: صحافي اعجاز ملاح ۽ بسپ انچارج جواد ظفر جمالي وچ ۾ تڪرار ختم، صحافي اتحاد جي ڪردار سان غلط فهميون دور

تلھار جي صحافي اعجاز علي ملاح ۽ بسپ انچارج تلھار جي جواد ظفر جمالي وچ ۾ ھلندڙ غلط فھمي جي بنياد تي تڪرار جو نڀيرو گذريل ڏينھن پوليس اسٽيشن تلھار ۾ صحافي اتحاد تلھار جي اڳواڻن جي موجودگي ۾ حل ڪرائي دلين ۾ مير صاف ڪرائي وئي.