شادبانو ملاح تي تشدد وارو واقعو: شازيه عطا مري جي اسپتال ۾ عيادت، انصاف جي خاطري

سانگهڙ جي علائقي چوٽياريون ۾ تشدد جو شڪار بڻجندڙ شادبانو ملاح جي قومي اسيمبلي جي رڪن شازيه عطا مري اسپتال پهچي عيادت ڪئي۔ عورتن تي تشدد جي سخت مذمت ڪندي متاثر شادبانو ملاح کي مڪمل طبي سهولتون فراهم ڪرڻ سميت جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي۔
ميهڙ: گهاڙي روڊ وٽ معصوم ٻار جو اگهاڙو لاش هٿ، زيادتي بعد قتل جو ڪيس داخل

ميهڙ ۾ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو جتي گهاڙي روڊ وٽ 12 ورهين جي معصوم نينگر دلشير ٻرڙو جو تشدد ۽ زيادتي بعد قتل ٿيل اگهاڙو لاش هٿ آيو. نينگر گهر کان ڪم لاءِ نڪتو هو پر واپس نه موٽيو، پوءِ جيڪو منظر سامهون آيو اهو هر اک آلي ڪري ڇڏيو.
ٻار راند ڪندي هينڊ گرنيڊ جي ڌماڪي جو شڪار، 8 ورهين جو ٻار فوت، ڀيڻ زخمي

سوات جي مٽه علائقي ۾ ٻارن جي راند دوران هٿ گرنيڊ ڦاٽي پيو، جنهن سبب 8 ورهين جو ٻار فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ننڍي ڀيڻ سخت زخمي ٿي پئي.
عالمي تيل مارڪيٽ کي بچائڻ لاءِ سعودي عرب، قطر ۽ عمان پاران ايران تي آمريڪي فوجي حملن جي مخالفت

آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ ڪجهه عرب رياستون ايران تي آمريڪي فوجي حملن جي شديد مخالفت ڪري رهيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب، قطر ۽ عمان آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران تي حملو ڪيو ويو ته عالمي تيل مارڪيٽ تي وڏو اثر پوندو، جيڪو سڌو آمريڪي معيشت تي به اثرانداز ٿيندو.
دادو: ڦورو ڏينهن ڏٺي سون جي واپاري کان 13 لک 50 هزار رپيا ڦر ڪري فرار

دادو ۾ پوسٽ آفيس سامهون ڏينهن ڏٺي جو سون جي واپاري کان وڏي ڦر جو واقعو پيش آيو، جتي ڪچهري روڊ تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ڦورن سون جي واپاري ڪيلاش ڪمار کان 13 لک 50 هزار رپيا لٽي فرار ٿي ويا۔
سرگودھا: ٽڪ ٽاڪ وڊيو تي تڪرار، 2 ڄڻا قتل ۽ 5 زخمي

سرگودھا جي نواحی علائقي ۾ ٽڪ ٽاڪ لاءِ وڊيو ٺاهڻ جي تڪرار دوران فائرنگ ٿي وئي، جنهن ۾ 2 ڄڻا جان بحق ٿي ويا.
پاڪستان حڪومت پاران پي آئي اي جي نجيڪاري بعد نالي ۾ تبديلي جي منظوري

پاڪستان حڪومت "پي آئي اي" جي نجيڪاري کان پوءِ هڪ اهم پيش رفت ڪندي قومي ايئر لائين جو نالو تبديل ڪري "اِيئر پاڪستان" رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
جاتي: ذهني دٻاءُ ۽ گھريلو تڪرار سبب 36 ورهين عورت پاڻمرگي ڪري ويئي

جاتي ويجهو ڪوٺي ڀرسان 36 ورهين ايمڻان زال سانوڻ پنھور ذهني دٻاءُ ۽ گھريلو تڪرار سبب ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌي پاڻمرگي ڪري ڇڏي.