اسلام آباد: مرڪزي رويت هلال ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪٿي به شوال جو چنڊ نظر اچڻ جي ڪا به شاهدي موصول نه ٿي آهي، جنهن سبب سڀاڻي جمعي تي 30 هون روزو هوندو ۽ عيدالفطر 21 مارچ ڇنڇر تي ملھائي ويندي۔
مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ چيئرمين مولانا عبدالخبیر آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي ميمبرن سان گڏ موسميات کاتي ۽ اسپارڪو جا نمائندا پڻ شريڪ ٿيا۔
اسلام آباد کان علاوه ملڪ جي چئني صوبائي گادي وارن شهرن سميت مختلف علائقن ۾ زونل رويت هلال ڪميٽين جا اجلاس پڻ ٿيا۔
اجلاس کان پوءِ مولانا عبدالخبیر آزاد اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ ڪٿي به شوال جو چنڊ نظر اچڻ جي تصديق ٿيل اطلاع ناهي ملي، تنهن ڪري رمضان جا مڪمل 30 روزا ٿيندا ۽ عيدالفطر ڇنڇر 21 مارچ تي ملھائي ويندي۔
