March 19, 2026 11:17 PM

سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو، عيد الفطر 20 مارچ تي ٿيندي

سعودي عرب جي رويت هلال ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته شوال جو چنڊ نظر نه آيو آهي، جنهن بعد عيد الفطر 20 مارچ جمعي ڏينهن ملهائي ويندي۔

عرب ميڊيا موجب، ملڪ ۾ چنڊ نه ڏسجڻ سبب رمضان جا 30 روزا مڪمل ڪيا ويندا۔

ان کان اڳ سعودي سپريم ڪورٽ شهرين کي چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪئي هئي ۽ چيو هو ته جيڪو به شخص ننگي اک يا دوربين ذريعي چنڊ ڏسي، اهو پنهنجي شاهدي ويجهي عدالت ۾ جمع ڪرائي۔

بيان ۾ چيو ويو هو ته چنڊ ڏسڻ جي صلاحيت رکندڙ ماڻهو هن عمل ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ پنهنجي علائقن ۾ قائم ڪميٽين سان سهڪار ڪن۔